ڀٽي اورنگزيب

ڀٽي، اورنگزيب: اديب ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي 5 آڪٽوبر 1963ع تي تعلقي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. تعليم انٽرميڊئيٽ اٿس. ڪجهه وقت پنگريو شگر ملز ۾ پي. آر. او رهيو آهي، سٺو شاعر ۽ ڪمپيئر آهي. سندس ڪتابن ۾ ”آڙنگ منجهه عشاق“ (شاعري: 1993ع)،”نواز شريف ۽ سنڌ“ (1996ع)، ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ (محمد صادق مگسيءَ جي شخصيت: 1998ع)، ”ڌرتيءَ جون دانهون“ (شاعري: 2004ع)، ”وه ميدان و زندان سي دار پر“ (اردو شاعري، جلد اول: 2009ع) ڇپيل آهن. هي هن وقت ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو